اڄ سڄي دنيا ۾ صحافت جي آزاديءَ جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. سڄي دنيا وانگر اهو ڏهاڙو اسان جي ملڪ ۾ پڻ ملهائجي رهيو آهي. صحافتي ادارن ۽ صحافين جي تنظيمن طرفان ان ڏهاڙي تي ريليون ڪڍيون وينديون. سيمينار منعقد ڪيا ويندا. سول سوسائٽي ۽ انساني حقن جي تنظيمن طرفان به صحافين سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ويندو. خبر جي رستي روڪ ۾ وسان نه گهٽائيندڙ حڪمرانن طرفان پڻ خبر جي آزاديءَ ۽ صحافين جي تحفظ جي حوالي سان سالن کان رٽيل بيان سامهون ايندا. هر سال 3 مئي تي پوري دنيا ۾ صحافت جي آزادي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي، جنهن جو مقصد نه رڳو صحافت جي آزادي جي اصولن کي اجاگر ڪرڻ هوندو آهي، پر انهن خطرن ۽ چئلينجن کي به نمايان ڪرڻ هوندو آهي، جيڪي دنيا جي صحافين کي پنهنجون پيشيوراڻه ذميواريون نڀائيندي درپيش آهن. صحافت جي آزادي، جمهوريت جو بنياد آهي. صحافت ڪنهن به مهذب، جمهوري ۽ باشعور سماج جو بنيادي ٿنڀو آهي. آزاد صحافت نه رڳو عوام کي باخبر رکي ٿي، پر اقتدار جي ايوانن اندر شفافيت، جوابدهي ۽ احتساب کي به يقيني بڻائي ٿي. جڏهن صحافي سچائي جي تلاش ۾ آزاد هجن، جڏهن هو بي خوف ٿي سوال اٿاري سگهن، جڏهن هو رياستي يا غير رياستي دٻاءَ کان آزاد ٿي حق ڳالهيون ڪري سگهن، تڏهن ئي ڪو سماج حقيقي معنيٰ ۾ جمهوريت جي روح کي اختيار ڪري ٿو.
بدقسمتي سان، اڄ به دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ صحافت کي مڪمل آزادي حاصل ناهي. ڪٿي رياستي سينسرشپ آهي، ڪٿي پرتشدد واقعن جو خطرو، ته ڪٿي قانونسازي جي نالي ۾ اختلافي آواز دٻائڻ جي ڪوشش جاري آهي. اهڙي صورتحال ۾ صحافت جي آزادي جو هي عالمي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اظهارِ راءِ جي آزادي صرف هڪ حق نه، پر گڏيل ذميواري به آهي. پاڪستان ۾ صحافت جي تاريخ قربانين، جدوجهد ۽ مزاحمت سان ڀري پئي آهي. چاهي فوجي آمريت هجي يا چونڊيل حڪومتون، مختلف دورن ۾ ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ، دٻائڻ ۽ پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون آهن. ڪڏهن اخبارون بند ٿيون، ڪڏهن چينلن کي بند ڪيو ويو، ته ڪڏهن صحافين کي اغوا، تشدد يا قتل تائين جو خطرو ٿيو. ويجهڙ وارن سالن ۾ جيتوڻيڪ ميڊيا ٽيڪنيڪي ترقي جي ڪري وڌي چڪي آهي، پر آزاديءَ جو اهو ماحول موجود ناهي، جيڪو ڪنهن صحتمند جمهوري سماج ۾ هئڻ گهرجي. خودساخته سينسرشپ، معاشي دٻاءُ، ۽ عدالتي يا انتظامي قدمن ذريعي تنقيدي آواز بند ڪرڻ جون ڪوششون عام ٿي ويون آهن. سوشل ميڊيا تي راءِ ڏيڻ به هاڻ بي خطر نه رهي آهي. فيڪ نيوز، پروپيگنڊا ۽ ميڊيا ٽرائلز جهڙن رجحانن به صحافت جي ساک کي متاثر ڪيو آهي. پاڪستان ۾ صحافين جي تحفظ بابت صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. رپورٽنگ دوران حراسان ڪرڻ، تشدد، ڪوڙا ڪيس، ۽ ڪڏهن ڪڏهن قتل تائين جا واقعا خبرن جو حصو بڻجندا رهن ٿا. اهڙن ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي سزا نه ملڻ سبب ڏوهارين جا حوصلا وڌن ٿا، ۽ صحافين لاءِ خطرن ۾ به واڌ اچي ٿي.
اڄ جڏهن دنيا ۾ فِيڪ نيوز، سينسرشپ ۽ رياستي ڪنٽرول جو رجحان وڌي رهيو آهي، ته اهڙي وقت ۾ صحافت جي آزادي جي اهميت اڳ کان وڌيڪ وڌي وئي آهي. پاڪستان جهڙي ترقي پذير ملڪ ۾، جتي غربت، بيروزگاري، ڪرپشن ۽ انساني حقن جي لتاڙ جا مسئلا موجود آهن، اتي هڪ آزاد، بهادر ۽ ذميوار صحافت ئي عوامي آواز کي سگهه ڏئي سگهي ٿي. صحافي رڳو خبر ڏيڻ وارا نه هوندا آهن، پر تاريخ جا معمار به هوندا آهن. انهن جو ڪم رڳو رپورٽنگ ناهي، پر سماج جي ضمير کي جاڳائڻ به آهي. هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اسين آزاديءَ واري صحافت کي هڪ نعري بدران هڪ عملي تحريڪ بڻايون. صحافين جي تحفظ لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي، ميڊيا ادارن کي آزادي ڏني وڃي، ۽ عوام کي باخبر رکڻ واري حق کي تسليم ڪيو وڃي. ڇو ته هڪ آزاد ميڊيا، هڪ باشعور قوم ۽ هڪ مضبوط جمهوريت – اهي ٽئي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. ان ڪري حڪمرانن کي گهرجي ته صحافت جي آزاديءَ جي حوالي سان لفظن جي فضول خرچي ڪرڻ بدران حقيقي معنيٰ ۾ صحافت جي آزاديءَ کي يقيني بڻايو وڃي. آزاد صحافت جي راهن ۾ ڪنڊا پوکڻ بدران ان کي بنا بندشن جي اسرڻ ۽ نسرڻ جو موقعو ڏنو وڃي.