اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ سينيٽر سرمد علي ڌيان طلب نوٽيس تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ ايچ آءِ وي جا 3 لک 60 هزار ڪيس سامهون آيا آهن، ايچ آءِ وي جي مريضن ۾ ٻارن جو وڏو انگ آهي، گذريل 9 سالن ۾ 75 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ پاڪستان جي رينڪنگ تمام خراب آهي، پاڪستان ۾ ايچ آءِ وي وبائي مرض بڻجي رهي آهي، هن وقت ملڪ ۾ صرف 96 سينٽرز آهن جِتي ايڊز جو مفت علاج ٿيندو آهي. قانون واري وزير چيو ته ماڻهن ۾ ايڊز بابت جيڪو خوف هو، اهو هاڻي گهٽجي رهيو آهي. سينيٽر سيد مسرور احسن چيو ته لاهور ۾ هڪ مزدور عدالت ۾ پاڻ تي تيل هاري انصاف نه ملڻ تي پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي.  سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪورم پورو ٿيڻ جي نشاندهي ڪئي وئي، جنهن تي ايوان پنجن منٽن لاءِ وقفو ڪيو ويو ۽ گھنٽيون وڃايون ويون، ايوان ۾ ڳڻپ ڪئي وئي. سينيٽ جو اجلاس ڇنڇر جي صبح ساڍي 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.