ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ ٽن ميچن جي ون ڊي سيريز اڄ کان ڪراچي ۾ شروع ٿي رهي آهي. پهرين ميچ نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿيندي، پاڪستان جي ڪپتان ندا ڊار پنهنجي ميچن جي سينچري مڪمل ڪندي. هي سيريز آءِ سي سي چيمپئنشپ جو حصو آهي. پاڪستان جي ٽيم چوٿين نمبر تي آهي. آفريڪي ٽيم جو نائون نمبر آهي. پاڪستان جي ٽيم ۾ شوال ذوالفقار کي به شامل ڪيو ويو آهي.