اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ چين وچ ۾خلائي شعبي ۾ سهڪار واري معاهدي تي صحيحون ٿي ويون، تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته خلائي شعبي ۾ ترقي لاءِ چين جي مدد سان اڳتي وڌنداسين، خلائي شعبي ۾ سهڪار پاڪستان ۽ چين جي دوستي جو واضح مثال آهي، سي پيڪ پاڪستان جي معيشيت ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پهرين پاڪستاني خلاباز کي چين جي خلائي اسٽيشن تائين وٺي وڃڻ جو قدم پاڪستان چين جو هڪ نئون باب آهي. نيشنل اسپيس ايجنسي، پاڪستان اسپيس اينڊ اپر ايٽموسفير ريسرچ ڪميشن ۽ عوامي جمهوريه چين جي مينڊ اسپيس ايجنسي سان تعاون جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، معاهدي تحت پاڪستان جو پهريون خلاباز چين جي خلائي اسٽيشن تيانگونگ ڏانهن مشن تي موڪليو ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ اسپارڪو 1961ع ۾ قائم ڪيو ويو هو، پر اسان ان شعبي ۾ ڪا خاص اڳڀرائي نه ڪئي آهي. هاڻي اسپارڪو تي ان حوالي سان وڏي ذميواري آهي. چين جي ڊائريڪٽر جنرل مين اسپيس ايجنسي پروفيسر لين شي چيانگ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هي پروگرام خلائي تحقيق جي شعبي ۾ پاڪستاني قوم جي اميدن ۽ تمنائن جي مطابق آهي. ايرو اسپيس جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون بهتر ٿيندو.  چين پهريون غيرملڪي خلاباز کي خلائي اسٽيشن تي آڻڻ لاءِ پاڪستان کي چونڊيو آهي، اسپارڪو جي چيئرمين محمد يوسف خان چيو ته پاڪستان جا ٽي سيٽلائيٽ خلا ۾ آهن، جيڪي مڪمل طور تي ڪم ڪري رهيا آهن. هن سال جي آخر تائين چار وڌيڪ سيٽلائيٽ زمين جي مدار ۾ ڇڏيا ويندا، معاهدي تحت ٻه پاڪستاني خلاباز چين جي خلاباز سينٽر ۾ تربيت حاصل ڪندا.