اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان عالمي سطح تي ڪرپٽو ڪرنسي جي دنيا ۾ هڪ اهم ۽ وڏي ڀائيوار قائم ڪري ورتي آهي. آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي فيملي جي ملڪيت واري 60 سيڪڙو شيئرز رکندڙ ڪمپني ورلڊ لبرٽي فنانشل پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل سان هڪ اهم معاهدو ڪري ورتو. اهو معاهدو اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي، جڏهن ڀارت سان تڪرار پنهنجي عروج تي آهي. ورلڊ لبرٽي فنانشل جي وفد وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي. “ليٽر آف انٽينٽ” تي صحيحون ڪندي پاڪستان ۾ بلاڪ چين، اسٽيبل ڪوائنز ۽ ڊي سينٽرلائيزڊ فنانس کي هٿي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ٽرمپ فيملي جا ميمبر، جن ۾ ايريڪ ٽرمپ، ڊونلڊ جونيئر ۽ بارن ٽرمپ شامل آهن، هن منصوبي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.