اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ سعودي عرب پاران ٻطرفن لاڳاپن توڙي سهڪار کي هٿي ڏيارڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو، سعودي عرب جي بچاءَ جي وزير شهزادي خالد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود صدر آصف زرداري، وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقاتون ڪيون، بچاءَ جو وزير خواجه آصف، آرمي چيف جنرل عاصم منير، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ پاڪستان ۾ سعودي سفير ملاقات ۾ موجود هئا، صدر زرداري ڏُکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ۽ حمايت ڪرڻ تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا، صدر چيو ته سعودي عرب سان لاڳاپن کي پاڪستان اهميت ڏئي ٿو، ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا گڏيل عقيدي ۽ تاريخي رشتي سان جُڙيل آهن، سعودي عرب جي بچاءَ واري وزير چيو ته ٻئي ملڪ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرن ٿا، ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ لاءِ هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، صدر آصف زرداري سعودي عرب جي بچاءَ واري وزير کي نشانِ پاڪستان ايوارڊ سان نوازيو. وزيراعظم سان ملاقات ۾ علائقائي امن سلامتي ۽ خطي جي سيڪيورٽِي صورتحال، ٻنھي ملڪن وچ ۾ دفاع ۽ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان ڳالھيون ڪيون ويون. وزير اعظم شھباز شريف سعودي وزير دفاع سان ڳالھائيندي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ گڏيل تعلقات وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رھيا آھن، سعودي عرب پاڪستان جي معاشي صورتحال ۾ بھتري لاءِ اھم ڪردار ادا ڪيو. وزير اعظم شھباز شريف چيو ته پاڪستاني عوام جي دلين ۾ سعودي شاھي خاندان جي لاءِ ھڪ خاص مقام آھي.  سعودي ولي عھد محمد بن سلمان جي پاڪستاني دوري جو انتظار ڪري رھيا آھيون. وزيراعظم سيڙپڪاري ڪائونسل جي حوالي سان آگاهه ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ زراعت، معدنيات، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ سرمايه ڪاري جي وسيع موقعا موجود آھن. سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ دفاع سان گڏ معاشي تعاون به وڌائڻ جي ضرورت آھي. سعودي وزير دفاع وزير اعظم جو عھدو سنڀالڻ تي شھباز شريف کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو.