ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان ۽ ترڪي جي فنڪارن جي گڏيل طور بڻجندڙ ويب سيريز “فاتح القدس صلاح الدين ايوبي” جي نشريات جي شروعات هلندڙ مهيني ٿيندي، مشهور پاڪستاني اداڪار عدنان صديقي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي ويب سيريز جو پوسٽر شيئر ڪيو، جنهن ۾ هن تاريخي سيريز جي مرڪزي ڪردارن جون تصويرون شيئر ڪيون، عدنان صديقي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته “سلطان صلاح الدين ايوبي هڪ مشهور ۽ بهادر ويڙهاڪ هيو، جيڪو مصر ۽ شام جو پهريون سلطان بڻيو.” اداڪار سيريز جي نشيرات جي حوالي سان چيو ته “هلندڙ مهيني 13 نومبر کان صلاح الدين ايوبي سيريز جي نشريات جي شروعات ٿي رهي آهي، اها سيريز هر سومر رات 9 وڳي ٽي آر ٽي تي نشر ڪئي ويندي.” سيريز ۾ صلاح الدين ايوبي جو مرڪزي ڪردار ترڪي اداڪار اوور گونيش ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان مان ان ۾ عدنان صديقي، همايون سعيد، ڪاشف انصاري، جنيد علي شاهه ۽ ٻيا شامل آهن.