اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ بيلا روس وچ ۾ ايم او يو تي صحيحون ڪيون ويون، گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ تي زور ڏنو ويو، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بيلا روس سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، ٻنهي ملڪن وچ ۾ وفد سطح تي ڳالهيون ٿيون، مختلف معاهدن جي يادداشتنامن تي صحيحون ڪيون ويون، بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشنڪو ۽ وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پنهنجي وفدن جي قيادت ڪئي، ٻنهي ڌرين ۾ٻطرفن لاڳاپن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي ڳالهيون ٿيون، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ۽ بين الپارلياماني مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ جو عزم ڪيو ويو، ٻطرفو واپاري ۽ اقتصادي سهڪار وڌائڻ لاءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو، اعليٰ سطحي ملاقاتن ۽ ادارتي سهڪار ذريعي لاڳاپن جي موجوده رفتار برقرار رکڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، ٻنهي اڳواڻن ڪيترن ئي اهم معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون، معاهدن ۽ ايم او يوز  ۾ ماحولياتي تحفظ، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، آڊٽ ادارن، مالياتي انٽيليجنس  شيئرنگ ۽ ووڪيشنل ايجوڪيشن شامل آهن، ان کان اڳ   بيلا روس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشنڪو  جي وزيراعظم هائوس آمد تي وزيراعظم شهباز شريف طرفان استقبال ڪيو ويو، گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي دوري تي آيل بيلا روس جي صدر وزيراعظم هائوس ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو،گذريل رات صدر اليگزينڊر لوڪاشنڪو ۽جي اسلام آباد آمد تي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي هئي.