لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ٻه طرفي سيريز ۾ ون ڊي ميچون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو وي آهي، ان کان اڳ بنگلاديش جي پاڪستان دوري ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون شامل هيون، پر هاڻ سيريز 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي مشتمل هوندي.بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم مئي ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي جڏهن ته پاڪستاني ٽيم جولاءِ ۾ بنگلاديش جو دورو ڪندي جتي 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون وينديون.ان اضافي سيريز جو فيصلو ٻنهي ڪرڪيٽ بورڊز جي آفيسرن چيمپئنز ٽرافي دوران هڪ اجلاس ۾ ڪيو.پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽي 20 ميچون 20، 22 ۽ 24 جولاءِ تي کيڏيون وينديون.