لاهور (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ جو عهدو قبول نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو، ڀارتي اسپورٽس ويب سائيٽ کي انٽرويو ڏيندي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم کان سوال ڪيو ويو ته اهو پاڪستان ۽ آسٽريلين ٽيم مان ڪنهن جي ڪوچنگ کي ترجيح ڏيندو؟ جنهن تي سوئنگ جي سلطان حيران ڪندڙ جواب ڏنو ته مان ڪينگروز جي ڪوچنگ ڪرڻ چاهيندس، هن چيو ته آسٽريلين ٽيم جي ڪوچنگ کي ترجيح ڏيڻ جو سبب منهنجي زال ناهي پر دٻاءَ جي گهٽتائي آهي، جنهن سبب مون کي ڪوچنگ جي ذميدارين تي ڌيان ڏيڻ جو بهتر موقعو ملندو، ان کان اڳ گذريل ڏينهن ۾ وسيم اڪرم 1999ع جي هوبارٽ ٽيسٽ جون ڪجهه يادون تازيون ڪيون هيون، واضح رهي ته اڳوڻو ڪرڪيٽر هن وقت پاڪ آسٽريليا ٽيسٽ سيريز دوران ڪمنٽري پينل جو حصو آهي، جڏهن ته پاڪستان سپر ليگ ۾ مشهور فرنچائز ڪراچي ڪنگز جي ڊائريڪٽر جون ذميداريون به نڀائي رهيو آهي.