اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان جي اختيارين جو وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ٿيو آھي ، ناڻي وزارت جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ناڻي وزير معاشي ٽيم سان گڏ آءِ ايم ايف جي سالياني ميٽنگز ۾ ورچوئل شرڪت ڪئي، آءِ ايم ايف طرفان اجلاس جي سربراهي وچ اوڀر بابت ڊائريڪٽر ڪئي، اجلاس ۾ عائشه غوث پاشا، طارق باجوا، طارق پاشا به ورچوئلي شرڪت ڪئي، آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود احمد خان، اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ آءِ ايم ايف جي جاري پروگرام جي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،  آءِ ايم ايف مشن جي پاڪستان جي دوري دوران اڳواٽ قدمن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو، اسحاق ڊار چيو ته اهم ملڪي سرگرمين جي ڪري وزيراعظم پاڪستان ۾ رهڻ جو چيو، اهم ملڪي سرگرمين جي ڪري واشنگٽن ڊي سي جو طئي ٿيل دورو ملتوي ڪرڻو پيو، ناڻي وزير آءِ ايم ايف ٽيم کي ملڪ کي درپيش معاشي چيلينجز کان به آگاهه ڪيو، اسحاق ڊار چيو ته نائين اقتصادي جائزي تحت سمورا اڳواٽ قدم مڪمل ٿي چڪا آهن، آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل قدم پورا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، اسان جي گذريل دور ۾ آءِ ايم ايف جو واحد پروگرام ڪاميابي سان مڪمل ٿيو هو، اميد آهي، آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر جهاد آزور چيو ته بورڊ جي منظوري کان پوءِ اسٽاف ليول معاهدي تي جلد صحيحون ٿينديون، اميد آهي ته پاڪستان سڌارن واري ايجنڊا تي پنهنجي اڳڀرائي رفت جاري رکندو، آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ معاشي استحڪام آڻڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪندي،  ناڻي وزير نائون جائزو مڪمل ڪرڻ ۾ تعاون تي ڊائريڪٽر جهاد آزور جو شڪريو ادا ڪيو.