پاڪستان دنيا جي خوبصورت ملڪن مان هڪ آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو هر سال ڪيترائي سياح هتي اچن ٿا. ان سلسلي ۾ مشهور سوشل ميڊيا ايپ ٽڪ ٽاڪ به پنهنجي پليٽ فارم تي گهومو پاڪستان جي نالي سان هڪ مهم شروع ڪئي جيڪا 2 مهينن کانپوءِ عالمي سياحت واري ڏينهن (27 سيپٽمبر) تي ختم ٿي وئي.ان مهم دوران #GhoomoPakistan ۽ #ThisisPakistan جي هيش ٽيگز سان پوسٽ ڪيل وڊيوز کي 2 ارب 30 ڪروڙ ويوز ملياسوشل ميڊيا ڪمپني موجب مهم جو مقصد سياحت کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستان ۾ سياحت جي حوالي سان پرڏيهي سياحن جي خدشن کي دور ڪرڻ هو. ان سان گڏ اهڙن سياحتي ماڳن کي به اجاگر ڪيو وڃي جيڪي هن وقت ماڻهن جي توجهه جو مرڪز نه آهن ته جيئن پاڪستان جي اصل خوبصورتي، تاريخ، ثقافت ۽ ٻين پهلوئن کي اجاگر ڪري سگهجي.ان مهم لاءِ ٽڪ ٽاڪ مقامي ڪريئيٽرز سان گڏجي 100 کان وڌيڪ وڊيوز پيش ڪيون، ان سان گڏ ٽڪ ٽاڪ گھومو پاڪستان نالي هڪ ٽريول حب پڻ متعارف ڪرايو، جنهن ۾ پاڪستاني کاڌن تي هڪ سيڪشن شامل آهي، جنهن ۾ مختلف رستن، سياحتي جڳهن ۽ هوٽلن جي تجويزن جي تفصيل شامل هئي.ٽڪ ٽاڪ پاڪستان جي ڪنٽينٽ آپريشنز اينڊ مارڪيٽنگ جي سربراهه سيف مجاهد جو چوڻ آهي ته چيو ته، سياحت هڪ تمام گهڻو مشهور موضوع آهي ۽ اسان پنهنجي #GhoomoPakistan مهم جا اثر ڏسي وڌيڪ پرجوش آهيون. هن چيو ته اسان پنهنجي ٽڪ ٽاڪ ڪميونٽي سان پاڪستان جي خوبصورت نظارن کي اجاگر ڪيو آهي.