اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان کي 2030ع تائين پائيدار ترقي لاءِ 348 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي جڏهن ته اسان وٽ جي ڊي پي گيپ 16.1 سيڪڙو آهي، موسمياتي تبديلي ۽ وڌندڙ آبادي اسان لاءِ ٽائيم بم آهي، موسمياتي تبديلي اسان جي خطرن کي ٻيڻو ڪري ٿي، اسلام آباد ۾ ايس ڊي پي آءِ جي پائيدار سيڙپڪاري ايڪسپو جو افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي هن وڌيڪ چيو ته  2025ع تائين ڏڪار جو شڪار ٿي وينداسين پر ان بابت ڪٿي به بيچيني نظر نه پئي اچي.