نئين دهلي/اسلام آباد(م ڊ) ڀارت عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) کان مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان کي ڏنل قرضن ۽ مالي امداد جو نئين سر جائزو ورتو وڃي. ڀارتي حڪومت جي هڪ سينيئر عهديدار پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته ڀارت آءِ ايم ايف کي اهڙو باظابطا مطالبو ڪيو آهي، پر ان بابت وڌيڪ تفصيل ناهن ڄاڻايا ويا. ٻئي پاسي پاڪستان جي ناڻي واري وزارت جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ان جو تازي جائزو به ڪاميابي سان مڪمل ٿيو آهي. ياد رهي ته پاڪستان گذريل سال آءِ ايم ايف کان 7 ارب ڊالر جو بيل آئوٽ پيڪيج حاصل ڪيو هو، جڏهن ته مارچ 2025ع ۾ پاڪستان کي 1.3 ارب ڊالر جو ”Climate Resilience Loan“” پڻ ڏنو ويو هو. امدادي قدمن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي 350 ارب ڊالر جي معيشيت کي استحڪام مليو آهي ۽ ملڪ کي ڏيوالي جي خطرو ٽري ويو آهي.