اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزير اسحاق ڊار تصديق ڪئي آهي ته اسٽيٽ بينڪ پاڪستان کي چين کان 50 ڪروڙ ڊالرن جي رقم ملي وئي آھي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو آھي ته چين کان رقم ملڻ بعد مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ بهتري ايندي چين جي بينڪ کان وڌيڪ 30 ڪروڙ ڊالرن جي رقم جي قرض وٺڻ لاءِ اڳڀرائي جاري آھي چين جي بينڪ آءِ سي بي سي کان مجموعي طور تي پاڪستان کي هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرن جو مجموعي  طور قرض ملڻو آهي.