پشاور(م ڊ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان افغان پناهگيرن جي نيڪالي جي مخالفت ڪري ڇڏي، مولانا فضل الرحمان چيو ته افغان پناهگيرن کي ڪڍڻ سان پاڪستان کي نقصان رسندو، مائنز منرلز بل صوبي جي وسيلن تي حملو آهي، عوام ۾ وينداسين، پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته افغان شهري پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪري رهيا آهن، افغان پناهگير پنهنجو ڪاروبار ڇڏي ڪيڏانهن ويندا، افغان شهري صوبن جي اجازت سان ڪاروبار ڪن پيا، صوبي جي اختيارن تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي، وسيلا ۽ شرط صوبن جا هئڻ گھرجن، فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته وفاق کي سوچڻ گهرجي ته آئين جي ابتڙ بل اسيمبلي ۾ پيش نه ڪيا وڃن.