لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان کي ايشيا رگبي ڊويزن ون چيمپئن شپ جي ميزباني ملي وئي آهي ايونٽ 4 کان 8 جولاءِ تائين لاهور ۾ ڪرايو ويندو. پاڪستان رگبي يونين ميزباني ملڻ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ايشيا رگبي جو اهو اعلان گذريل سال پاڪستان ۾ منعقد ڪيل ٽورنامينٽ جي شاندار ڪاميابي جو ثبوت آهي. ايشيا رگبي سان گڏجي ٽورنامينٽ ۾ شريڪ ملڪن وچ ۾ دوستي ۽ ثقافتي ڏي وٺ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي.