راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ پي ٽي آءِ جي ضرورت ملڪ ۽ عوام کي آهي، تحريڪ انصاف کي ڪرشن ڪرڻ لاءِ ملڪ کي بنانا ريپبلڪ بڻايو ويو، عدليه سميت هر اداري کي تباهه ڪيو ويو آهي. ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري عمران خان سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران سان ملاقات لاءِ 6 وڪيلن جي نالن جي لسٽ ڏني وئي هئي، نعيم پنجوته ۽ عثمان گل هتي پهتا هئا، انهن جي ملاقات ٿي آهي مون چيو ته آئون ٻاهر ٿو وڃان، عمران خان جي صحت سٺي آهي ان کي ٻڌايو ته ڀيڻن کي ملاقات جي اجازت ناهي ڏني وئي. هن ٻڌايو ته ملاقات دوران عمران خان چيو ته 26 ترميم کانپوءِ جيڪو ٿي رهيو آهي ان تي ليگل ڪميٽي پارٽي قيادت چيف جسٽس کي خط لکندي، عدالت ۾ اسان جا ڪيسز ناهن لڳي رهيا بشريٰ بي بي سان زيادتي ٿي رهي آهي. فوج نه سياسي پارٽيون ملڪ کي متحد ڪري سگهن ٿيون، مائنز اينڊ منرلز بابت باني پي ٽي آءِ جو چوڻ هو ته ڪي پي جو وڏو وزير ۽ سينيئر اڳواڻ اچي بريف ڪن بل تڪراري ٿي چڪو آهي ضروري آهي ته ماڻهن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، تڪراري معاملا گڙٻڙ ڪري سگهن ٿا.