راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ شيڊيول ميچ راولپنڊي برسات سبب رد ڪئي وئي . مسلسل برسات سبب راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ ميچ بنا ٽاس جي ختم ٿي وئي. تماشائي مايوس ٿي موٽي ويا، ميچ رد ٿيڻ سبب پاڪستان ۽ بنگلاديش کي هڪ هڪ پوائنٽ ڏني وئي. ياد رهي ته گروپ اي مان ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون اڳ ۾ ئي ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن، ان کان اڳ آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ گروپ ميچ به برسات سبب نه ٿي سگهي هئي.