ڪراچي(ڪامرس نيوز) وزيراعظم جي خاص معاون بلال بن ثاقب پاران آمريڪا ۾ اعليٰ سطحي ملاقاتن ذريعي ڪرپٽو سفارتڪاري جي شروعات ڪري ڇڏي. بلال بن ثاقب جي اڳواڻي ۾ پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل اسٽريٽجڪ بِٽ ڪوئن رزرو جو اعلان ڪيو. پاڪستان جي حڪومت اي آءِ ۽ بلاڪ چين بِٽ ڪوئن مائننگ لاءِ 2000 ميگاواٽ بجلي مختص ڪرڻ جو اعلان ڪيو.مشهور ڪمپني “ورلڊ لبرٽي فنانشل” سان پاڪستان جي ڀائيواري آمريڪي سيڙپڪاري لاءِ رستو هموار ڪيو. بلال بن ثاقب جو ويب 3 ۽ بلاڪ چين ڪميونٽي جي واڌاري ۾ اهم ڪردار آهي. بلال بن ثاقب چيو ته پاڪستان هاڻي امداد جي بدران جدت جي بنياد تي عالمي لاڳاپا ٺاهي رهيو آهي.