اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزارت پابندي پيل تنظيم جماعت الدعوه جي سربراهه حافظ سعيد جي حوالگي بابت ڀارتي مطالبي جي تصديق ڪري ڇڏي، پرڏيهي ترجمان ممتاز زهريٰ بلوچ تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان کي ڀارت پاران حافظ سعيد جي حوالگي جي درخواست ملي آهي، ڀارت اها درخواست نام نهاد مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ڏني آهي. پرڏيهي ترجمان موجب پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جوابدارن جي ٻطرفي حوالگي جو ڪو به معاهدو ناهي. واضح رهي ته گذريل سال لاهور جي عدالت غيرقانوني فنڊنگ ڪيس ۾ حافظ سعيد کي 31 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.