ڪابل(م ڊ) افغان حڪومت غيرقانوني طور تي رهندڙ افغان پناهگيرن کي پاڪستان مان نيڪالي ڏيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن سان جاري سلوڪ قبول ناهي، ان تي حڪومت نظرثاني ڪري. حڪومتي ترجمان چيو ته پاڪستان جي سيڪورٽي مسئلن ۾ افغان پناهگيرن جو ڪو هٿ نه ِه، جيستائين افغان پناهگير پنهنجي مرضي ۽ اطمينان سان پاڪستان مان نڪرن ٿا پاڪستان کي برداشت کان ڪم وٺڻ گهرجي.