پاڪستان پريشان پارٽي

0
57
پاڪستان پريشان پارٽي

سنڌ ۾ 16 سالن کان وٺي سرڪار ھلائيندڙ حڪمران ڌر ھن ڀيري سخت سياسي عدم تحفظ جو شڪار نظر اچي رھي آھي. ان جو سبب اھو ناھي ته ھاڻي ھن جي ھڪ ھٽي ختم ٿي وئي آھي يا ختم ٿي رھي آھي. پيپلز پارٽي مخصوص پاليسيءَ تي عمل ڪندي ھن وقت به سنڌ ۾ سياسي مونوپولي (Political Monopoly)  جي علامت بڻيل آھي. سنڌ ۾ پ پ جي اقتدار کي للڪارڻ واري ڪا به پارٽي ميدان ۾ موجود ناھي. سنڌ ۾ سرڪار مخالف صرف ھڪ اتحاد آھي. اھو به سچ آھي ته ھاڻي جي ڊي اي به ساڳي سگھ جو مالڪ نه رھيو آھي، جيئن اڳ ھو. ان سلسلي ۾ اھا به اھم ڳالھ آھي ته سنڌ سرڪار لاءِ ھاڻي نام نهاد مخالف ڌر يعني متحده قومي موومينٽ به ان طرح سان مسئلا پيدا نه ٿي ڪري، جھڙي طرح ان وقت ڪندي ھئي، جنهن وقت اھا لنڊن مان آپريٽ ٿيندي ھئي. ميدان ۾ ڪو به مضبوط مخالف نه ھجڻ جي صورت ۾ ھڪ غيرنظرياتي ۽ صرف اقتداري سياست ڪندڙ ڌر جي دماغ ۾ مڳيءَ جو مقدار وڌي وڃي ته ان تي ڪنهن به عقل واري انسان کي حيرت کائڻ جو حق حاصل نه ھجڻ گھرجي. اھو قول زيڊ اي ڀٽو کي به سچو ۽ سٺو لڳندو ھو ته “پاور ماڻھوءَ کي ڪرپٽ ڪندو آھي ۽ تمام گھڻو پاور تمام گھڻو ڪرپٽ ڪندو آھي”. پئسي پائيءَ جي حوالي سان پيپلز پارٽيءَ جي شھرت جا دھل ته گذريل 37 سالن کان پوري دنيا ۾ وڄن ٿا پر اھا حقيقت پ پ جي سياسي مخالفن کي به مڃڻ گھرجي ته اھا پارٽي ان وقت سياسي پاليسين جي حوالي سان ايتري ڪرپشن جو شڪار ھرگز نه ھئي، جيترو گذريل سورنهن سالن کان وٺي نظر اچي رھي آھي. ان سلسلي ۾ اھم ڳالھ اقبال جي ان شعر جھڙي آھي ته:

“وائي ناڪامي متاعِ ڪاروان جاتا رھا

ڪاروان ڪي دل سي احساسِ زيان جاتا رھا“

وڏي وقت کان وٺي سنڌ مٿان اکيون پوري حڪومت ڪندڙ پارٽيءَ جي دل مان صرف مالي نه پر سياسي ڪرپشن جو احساس به مڪمل طور تي ميسارجي ويو. گذريل ڏيڍ ڏھاڪي کان وٺي پيپلز پارٽي پھرين مخالفن کي اڪيلو ۽ پريشان ڪرڻ ۽ بعد ۾ پنهنجين شرطن کي ان کي پارٽيءَ ۾ شامل ڪرڻ واري پاليسيءَ جي عمل ڪندي رھي آھي. اھوئي سبب ھو ته پ پ خلاف سياسي ميدان تي ڪو به موثر ۽ سگھارو آواز صدا بلند نه ڪري سگھيو. سنڌ ۾ ھڪ طرح سان اھڙي سياسي سانت ھئي، جنهن جي جھلڪ پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ سجاڳ صوبي جي سموري ماضيءَ ۾اڳ ڪڏھن به رھي آھي.

رومن ٻوليءَ جي جڳ مشھور شاعر سسرو جو شعر آھي:

“ھو اڃايل تلوارن سان آيا

سمورن مخالفن جا وجود وڍي ڇڏيائون

۽ جڏھن ميدان جنگ ۾ مڪمل ماٺ ٿي

تڏھن چيائون: ڪيترو نه سڪون آھي“

سنڌ ۾ مالي ۽ سياسي ڪرپشن سان سموريون مخالف قوتون ابدي ننڊ سمھاري حڪمران ڌر کي اھو احساس ٿيو ته ھاڻي ھن جي خلاف ڪٿان ڪا ٻڙڪ نه ٻاڦندي. ان ڪري انهن کي جيڪو وڻي، اھو ڪري سگھندا. جنهن کي چاھيندا خريد ڪندا. خريد نه ٿيو خوف جو شڪار ڪندا. خوف ۾ نه آيو ته موٽر سائيڪل ڦر جا ڪيس قائم ڪري جيل ڀيڙو ڪندا. سنڌ جي سرڪاري ڌر جي نظر ۾ ھر شيءَ مارڪيٽ جو وکر آھي. صرف ماڻھو نه پر سنڌ جا پٽ، پھاڙ، جبل، جھر جھنگ ۽ صرف ساحل ئي نه پر ڌرتيءَ جي سينڌ جھڙي سنڌو نديءَ کي به سياسي سوديبازيءَ جي نذر ڪيو ويندو ته ڪوئي ڇا ڪڇندو؟ ٻه چار ماڻھو پريس ڪلبن جي آڏو ٻاڪاري ٻاڪاري ٿڪجي گھر موٽي ويندا. گھر وڃي سوشل ميڊيا تي اندر جو غصو ٻاھر ڪڍندا. اڄ ھڪ اشو اڀريو، سڀاڻي ٻيون اشو اڀرندو. نئون اشو پراڻي اشو مٿان پردو وجھي ڇڏيندو. سوشل ميڊيا کي سمنڊ سمجھندڙ سرڪار ڪافي وقت کان وٺي ويرن جي اچ وڃ وارو تماشو ڏسڻ کي به پنهنجي وقت جو زيان تصور ڪرڻ لڳي ھئي.

سنڌ جي سياسي سگھ کي نهوڙي اديبن ۽ قلمڪارن کي ميلن ملاکڙن معرفت جھڙي تهڙي اگھ سان خريد ڪندڙ سرڪار ڪيترو نه پرسڪون ۽ خوش و خرم محسوس ڪري رھي ھئي. جڏھن قانونن جي زنجيرن سان اظھار جي آزاديءَ کي قيد ڪيو ويو ۽ وڏا وڪيل پنهنجي پاسي ڪيا ويا. جڏھن عمران ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ٽڪراءَ کي پنهنجي لاءِ سياسي سيزن سمجھي ٻنهي ھٿن سان مال ميڙڻ واري روش اختيار ڪئي وئي ته اھڙي ماحول ۾ عوام جي اٿڻ جو ڪو خواب خيال به پيدا ٿيڻ جوڳو نه ھو. خاص طور تي جڏھن ن ليگ کي پنهنجو سھارو ڏئي سرڪار ھلائڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته پوءِ ان پاران سنڌ ۾ سياسي ميدان گرمائڻ جو ڪو سبب ئي نه ھو. جڏھن پيپلز پارٽيءَ جي ٿوري ناراضگيءَ جو وڏو نوٽيس ورتو وڃي ۽ جيڪي ڪم ن ليگ کان نه ٿي سگھن، اھي ڪم اسٽيبلشمينٽ کي پاڻ ڪرائي ڏيڻ بعد شاباس وٺڻ وارو سلسلو پنهنجي پوري اوج تي ھجي ته پوءِ سنڌ جي سرڪاري ڌر کي ڪنهن جو خوف ۽ ڪنهن جو خطرو ڇو ٿيندو؟ جڏھن پاڪستان ۾ اقتدار ڏيڻ ۽ کسڻ وارا ھٿ تعريفي تاڙيون وڄائيندا ھجن ته پوءِ ڪنهن جي دل ۾ تشويش جي تار ڇو وڄندي؟

سنڌ جي عوام کي سياسي سرگرميءَ مان آئوٽ ڪرڻ ڪاميابي ماڻڻ بعد غيرعوامي جمھوريت جو جھنڊو جھولائڻ واري سياسي قبيلي مان اھا ڌر پنهنجو پاڻ تي ڇو نه ناز ڪري، جنهن ڌر ان صوبي کي سياسي برف جو پتلو بڻائي ڇڏيو ھجي، جيڪو صوبو ڪڏھن باھ جو شعلو ھو. جڏھن پٺاڻ به پنهنجي پت پاڙين ۽ جڏھن بلوچ به باھ ٻارين ۽ جڏھن پنجاب جا ماڻھو به اھڙا اکر اڪلين ۽ اھڙن احتجاجن جا لقاءَ پسائين جو ڏسڻ واري کي ڏندين آڱريون اچي وڃن. ان مھل سنڌ جھڙي سرڪش صوبي کي پر پٽيل پکيءَ وانگر کڙڪي کليل پڃري ۾ ويھارڻ وارو عمل بلڪل به اھڙو ھو، جو انهن مٿان وزارتن کي نون نوٽن کان گھور ڪجي.

دنيا جي تاريخ گواھي ڏيندي ته اقتداري نشي ۾ الوٽ حڪمران نظرين جي ذڪر تي پنهنجي کل روڪي نه سگھندا آھن. ڪتابن مٿان چٿر ڪندڙ ڪردار اقتدار آڏو ھر شيءَ کي ھيچ سمجھندا آھن. نعرا ۽ نظريا ته انهن جي بي معنيٰ بڻجي ويندا آھن پر ھو ته عوام کي به ڪا اھميت نه ڏيندا آھن. ماڻھن کي مجبورن ميڙن ۾ تبديل ڪري انهن کان صرف بريانين جي ٿيلھين تي تاڙيون وڄرائڻ وارا اھو ڇو تصور ڪن ته ڪڏھن کيت به جاڳندا آھن. جڏھن وڻ به اکيون مھٽي اٿندا آھن. ڪڏھن اگھور ننڊ ۾ آزاديءَ جا سپنا ڏسندڙ غلام به غصي ۾ اچي تاريخ جون صدائون بڻجي ويندا آھن. پر عالمي تاريخ انهن حقيقن جو عڪس پيش ڪري ٿي، جن جا منظر ڏسڻ جي طاقت نه ھجڻ سبب اکيون چورايون وڃن.

سنڌ ۾ سرڪار پاران سياسي سرءُ کي وڏي عياريءَ سان ڊگھو ڪري اقتداري عياشيءَ جا سمورا مزا ماڻيا ويا پر بقول پبلو نرودا:

“توھان سمورا گل

ٽارين تان ٽوڙي سگھو ٿا

پر توھان بهار جا رستا روڪي نه ٿا سگھو“

ھن ڀيري ائين ئي ٿيو. ڪنهن ڪڏھن سوچيو به نه ھو ته سنڌ جا ماڻھو ائين ائين اٿندا، جيئن سمنڊن ۾ طوفان اٿندا آھن. اھي انسان، اھي مسڪين ۽ لٽيل ڦريل انسان، جن کي فرانز فينن “مٽيءَ ھاڻا ماڻھو” لکيو ھو. اھي ماڻھو جڏھن اٿيا، تڏھن ھڪ شھر نه ۽ ھڪ ڳوٺ نه پر ھڪ ديس اٿيو. اھي ماڻھو پنهنجي ڌرتيءَ جي دريا کي بچائڻ جي لاءِ اٿيا، جن جي اٿڻ جو ڪڏھن ڪنهن تذڪرو به نه ڪيو ھو. اھي منظر ته تاريخ جا انمول منظر ھوندا آھن. اھي گلاب ھر مند ۾ نه کڙندا آھن. جڏھن اننت ساگر جي تري ۾ پيل انسان احتجاج جا شعلا بڻجي وڃن ته پوءِ اھي ڏيک سالن جا نه صدين جا سور به لاھي ڇڏيندا آھن.

ھن ڀيري اقتداري مڳيءَ ۽ مستيءَ ۾ چور سنڌ جي حڪمرانن خلاف سنڌ جا ماڻھو ائين اٿيا آھن، جو انهن جو اٿڻ نثر ۾ مشڪل ۽ نظم آسان انداز سان پيش ڪري سگھجي ٿو. ڇو ته ھي ماڻھو لطيف جا بيت بڻجي ويا. بلڪل اھڙا بيت:

“تپي ڪندين ڪوھ، ڏونگر ڏکوين کي

جي تون پھڻ پٻ جو، لڱ منهنجا لوھ

جنهن ڇوريءَ ۾ ڇوھ، سا پٿون ٿيندي پير تي“

۽ جئين اياز لکيو آھي، بلڪل تيئن احتجاج جا اھي منظر نظر آيا:

“انڌا ماڻھو، گونگا ماڻھو

ماڻھو ٻوٿ ٻڌل

للڪارون للڪارون ٿي ويا

لڏي ويا ايوان“

سنڌ جي ماڻھو پنهنجي دريا جي حفاظت لاءِ جيڪي احتجاج ڪيا آھن، انهن سڪون سان سرڪار ھلائيندڙ ۽ پنهنجي مرضيءَ مسلط ڪندڙ ۽ مخالفن ڌرتي تنگ ڪندڙ حڪومت کي صرف حيران نه پر پوري طرح سان پريشان به ڪري ڇڏيو آھي. انهن کي اھو احساس ئي نه ھو ته ھي ماڻھو جن کي بي معنيٰ نعرن جو نشئي بڻايو ويو ھو ۽ جن کي رڍن ٻڪرين وانگر گاڏين ۾ ڀري جلسن ۾ صرف تعداد ڏيکارڻ لاءِ آندو ويندو ھو. جيڪي ماڻھو انسان نه رھيا پر ھو صرف تاڙين وڄائڻ واريون مشينون بڻجي ويا، اھي ماڻھو ھن ڀيري وريا، جيئن واھوندا ورندا آھن. جيئن ڪنهن وسري ويل جي سار ورندي آھي.

انهن ماڻھن جي سياسي سجاڳي ان حوالي سان به عظيم احتجاجن جي اکين ۾ سمائي ويندي جو اھي ماڻھو وڏين پارٽين جي پليٽ فارمن ۽ اسٽيبلشمينٽ کان آشيرواد وٺي ماڻھن کي مخصوص مقصد لاءِ ڪٺو ڪندڙ ڪنهن به قوت جي چوڻ تي نه آيا. ھي ماڻھو پاڻ مرادو آيا. جڏھن سنڌ جي سياسي لينڊاسڪيپ تي ڪا سرڪار مخالف سياسي قيادت به نه ھئي. ھي سنڌ جا اھي پرامن سياسي سپاھي ھئا، جن جي رھمنائي ڪرڻ لاءِ ڪو سياسي سالار نه ھو. ھو پاڻ سپاھي ۽ پاڻ ئي جرنل ھئا. ھوشوءَ وانگر ھر سنڌي ان نعري ۾ تبديل ٿي ويو ته “مرسون مرسون، سنڌو نه ڏيسون”. اھڙي نعري تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو پاڪستان پريشان پارٽي ٿيڻ لازمي آھي. پر اھا ته ابتدا آھي. اردوءَ ٻوليءَ جا ضرب المثل ٻول آھن:

“ابتدائي عشق ھي، روتا ھي ڪيا

آگي آگي ديکيي ھوتا ھي ڪيا”.