اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان 120 ڪلوميٽر تائين زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ فتح ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي، هي تجربو پاڪستان جاري مشقن انڊس دوران ڪيو. آءِ ايس پي آر جي مطابق فتح ميزائل جي تجربي جو مقصد جوانن جي آپريشنل تياري کي يقيني بڻائڻ ۽ ميزائل جي جديد نيويگيشن سسٽم، درستگي سان هدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت سميت اهم ٽڪينڪل پيرا ميٽرز جي معيارن جي تصديق ڪرڻ هو. تربيتي تجربي جو مشاهدو پاڪ فوج جي سينيئر آفيسرن سان گڏ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ادارن جي آفيسرن، سائنسدانن ۽ انجنيئرن پڻ ڪيو. چئيرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي ۽ آرمي چيف حصو وٺندڙ فوجين، سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪباد ڏني. هنن پاڪستان جي علائقائي سالميت خلاف ڪنهن به جارحيت کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پاڪ فوج جي آپريشنل تياريءَ ۽ فني مهارت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف وزيراعظم محمد شهباز شريف زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ فتح ميزائل جي تربيتي لانچ جي ڪاميابي تي چئيرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف، آرمي چيف ۽ ان جي تياري ۾ شامل سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي ڪوششن جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته تربيتي لانچ جي ڪاميابي سان واضع ٿئي ٿو ته پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، وزيراعظم پاڪ فوج جي پيشه ورانه صلاحيتن ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ مڪمل تياري تي اطمينان جو اظهار ڪيو.