اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پاران هوائي حدون بند ڪرڻ سبب ڀارت کي 2 ارب جو نقصان ٿي چڪو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب پاڪستان پاران هوائي حدن جي بندش سبب 10 ڏينهن دوران ڀارت جون هڪ هزار اڏامون متاثر ٿي چڪيون آهن جڏهن ته ايئر انڊيا، آڪسا ايئر، اسپائٽس، جيٽ ۽ انڊيڪو ايئر ۽ ايئر انڊيا لاڳيتو ليٽ ٿيڻ سبب مسافر پريشان آهن