ڪيپ ٽائون (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ لاڳيتو ٻي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نانءَ ڪري ورتي آهي. گذريل ڏينهن سيريز جي ٻي ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان 81 رنز تان ڪاميابي ماڻي ورتي. ڪيپ ٽائون جي ميدان تي کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان پهرين بيٽنگ ڪندي 329 رنز اسڪور ڪيو. پاڪستان پاران ڪپتان محمد رضوان 80 رنز ٺاهيون جڏهن ته بابر اعظم 73، ڪامران غلام 63، سلمان علي آغا 33 ۽ صائم ايوب 25 رنز سان نمايان رهيو. آفريڪي بالرن ۾ وينا ميفاڪا 4، مارڪو جانسين 3، اينڊل ڦيهيلڪوايو ۽ فورٽن هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. پاڪستان پاران مليل 330 رنز جي ٽارگيٽ پويان ويندي ڏکڻ آفريڪا جي پوري ٽيم 248 رنز تي ڍير ٿي وئي. آفريڪا پاران ڪلاسن ڀرپور مزاحمت ڪندي 97 رنز ٺاهيون. ان کان سواءِ ٽوي ڊي زورزي 34، ريسي وين ڊوسين 23 مارڪرم 21 ڊيوڊ ملر 29 رنز سان نمايان رهيا. پاڪستاني بالرن ۾ شاهين شاهه آفريدي شاندار بالنگ ڪندي 4 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته نسيم شاهه 3، ابرار احمد 2 ۽ سلمان علي آغا 1 وڪيٽ ورتي، حارث رئوف ڪا به وڪيٽ وٺي نه سگھيو.