اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ايشين يوٿ گرلز نيٽ بال چيمپيئن شپ ۾ سعودي عرب کي شڪست ڏني. پاڪستاني ٽيم سعودي عرب کي 15 جي مقابلي ۾ 71 گولن سان شڪست ڏني. ليا رضا شاهه، عليشا نويد، ساميه صفدر ۽ حليمه پاڪستان لاءِ شاندار راند کيڏي. پاڪستاني ٽيم سڀاڻي پنهنجو ٻيو ميچ چائنيز تائيپي خلاف کيڏندي. ياد رهي ته ايشين يوٿ گرلز نيٽ بال چيمپئن شپ ڏکڻ ڪوريا ۾ کيڏي پئي وڃي. هن چيمپئن شپ ۾ حصو وٺندڙ 11 ملڪن جي ٽيمن کي 2 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، گروپ اي ۾ ملائيشيا، سنگاپور، سريلنڪا، هانگ ڪانگ ۽ ڀارت شامل آهن، جڏهن ته پاڪستان کي چائنيز تائيپي، جاپان، ڪوريا، مالديپ ۽ سعودي عرب سان گروپ بي ۾ رکيو ويو آهي. پاڪستان پنهنجو ٻيو گروپ ميچ 28 جون تي چائنيز تائيپي خلاف، ٽيون ميچ 29 جون تي ڪوريا خلاف ۽ چوٿون ۽ پنجون ميچ ترتيب وار 30 جون ۽ 1 جولاءِ تي جاپان ۽ مالديپ خلاف کيڏندو.