اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان وومين بيس بال ٽيم جون ٻه رانديگرياڻيون تربيت لاءِ جاپان روانيون ٿي ويون آهن. صائقه رياض ۽ مديحا راشد جاپان ۾ هڪ هفتي جي بيس بال ٽريننگ ۾ حصو وٺنديون. صائقه رياض ۽ مديحا راشد جي هن تربيت جو مقصد تجربيڪار ڪوچز جي نگراني ۾ رانديگرن جي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ آهي. ان موقعي تي صائقه رياض چيو ته مان جاپاني ڪوچز کان سکڻ ۽ پنهنجي ساٿي رانديگرن سان پنهنجو تجربو شيئر ڪرڻ لاءِ پرجوش آهيان. مديحا رشيد چيو ته هڪ پيشيور رانديگر جي حيثيت سان، منهنجو مقصد پنهنجي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ ۽ پاڪستان بيس بال کي فروغ ڏيڻ آهي. ياد رهي ته صاعقہ رياض ۽ مديحا رشيد بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪيون آهن. صاعقہ رياض هڪ پچر آهي جڏهن ته مديحا رشيد هڪ ڪيچر آهي.