راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) پشاور ريجن پاڪستان ڪپ ون ڊي ٽورنامينٽ کٽي ورتو، فائنل ۾ ڪراچي وائٽس کي 5 وڪيٽن تان شڪست ملي. پنڊي ۾ ٿيل فائنل ۾ ڪراچي وائٽس جي بينٽنگ لائن اپ فلاپ ٿي وئي. اڌ ٽيم 56 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ڪپتان سرفراز احمد 22 ۽ اعظم خان 30 رنسون ٺاهيون پر ٽيم 32 هين اوور ۾ 103 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. محمد عمران 4 ۽ عباس آفريدي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن. محمد حارث شاندار بيٽنگ ڪندي 46 رنسون ٺاهي پشاور کي 18 هين اوور ۾ 5 وڪيٽن تي ڪاميابي ڏياري ڇڏي. محمد عمران پليئر آف دي فائنل ۽ حسيب الله پليئر آف دي ٽورنامينٽ قرار ڏنو ويو.