پاڪستان والاريل ڪشمير بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو

0
125
پاڪستان والاريل ڪشمير بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو
پاڪستان والاريل ڪشمير بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو

پاڪستان والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو

نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته والاريل ڪشمير بين الاقوامي طور هڪ تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي، ڀارت کي والاريل ڪشمير جي حيثيت جو تعين ڪرڻ جو ڪو به اختيار نه آهي

هن چيو ته ڪشميري عوام ڀارت جي 5 آگسٽ 2019  واري هڪ طرفي قدم کي رد ڪري چڪو آهي، پاڪستان به ڪشمير جي خصوصي حيثيت بحال ڪرڻ خلاف ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪري ٿو

نگران پرڏيهي وزير چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڪا به حيثيت نه آهي، ڀارتي سپريم ڪورٽ جي ساک بابري مسجد بابت تڪراري فيصلي سبب اڳ ئي خراب ٿيل آهي

 پاڪستان والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي بحالي بابت جلد واڳيل ڌرين جو اجلاس گهرائيندو

هن کي به پڙهندا

ڀارتي سپريم ڪورٽ والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت رد ڪرڻ وارو ڀارتي حڪومت جو حڪم برقرار رکي ڇڏيو