ملتان (اسپورٽس نيوز) ملتان ٽيسٽ ۾ شڪست کانپوءِ ويسٽ انڊين ڪپتان ڪريگ بريٿويٽ چيو آهي ته پاڪستان هوم ايڊوانٽيج سبب ڏُکي پچ تيار ڪرائي. ميچ کانپوءِ گفتگو ڪندي ڪريگ بريٿ ويٽ چيو ته ملتان جي پچ ڏاڍي ڏکي هئي، بال گهڻو اسپن ٿي رهيو هو، پاڪستان هوم ايڊوانٽيج سبب اهڙي پچ تيار ڪرائي. هن چيو ته پاڪستان به ٻي اننگز ۾ سٺي بيٽنگ نه ڪئي، منهنجي خيال ۾ پهرين اننگز ۾ اسان کي وڌيڪ بهتر بالنگ ڪرائڻ گهرجي ها. سندس چوڻ هو ته ملتان ۾ پاڪستاني شوقينن اسان کي به سپورٽ ڪيو، جنهن تي خوشي ٿي، اسان ٻي ميچ ۾ ڪم بيڪ ڪنداسين.