لاهور (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل هاڪي فيڊريشن پاڪستان هاڪي ٽيم کي پرو هاڪي ليگ ۾ حصو وٺڻ جي دعوت ڏني آهي. نيشنز ڪپ جي فاتح نيوزي لينڊ جي پرو هاڪي ليگ مان دستبردار ٿيڻ کان پوءِ، ايف آءِ ايڇ پاڪستان ٽيم کي دعوت ڏني. ملائيشيا ۾ نيشنز ڪپ جي فاتح ٽيم کي پرو هاڪي ليگ لاءِ ڪواليفائي ڪرڻو هو. فائنل ۾، نيوزي لينڊ پاڪستان کي شڪست ڏئي ٽائيٽل کٽيو ۽ پرو هاڪي ليگ لاءِ به ڪواليفائي ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيوزي لينڊ پرو هاڪي ليگ ۾ شرڪت کان دستبردار ٿي ويو، جنهن کان پوءِ انٽرنيشنل هاڪي فيڊريشن پاڪستان هاڪي ٽيم کي پرو هاڪي ليگ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، جلد اعلان متوقع آهي. پرو هاڪي ليگ ۾ دنيا جون اعليٰ ٽيمون حصو وٺنديون آهن. پرو هاڪي ليگ ۾ شرڪت سان پاڪستان هاڪي ٽيم جي رينڪنگ بهتر ٿيندي. ماضي ۾ پاڪستان هاڪي ٽيم پرو هاڪي ليگ ۾ حصو نه ورتو هو، جنهن جي ڪري پاڪستان جي هاڪي رينڪنگ 17 هين نمبر تي هلي وئي. پرو هاڪي ليگ جو ايندڙ ايڊيشن ايندڙ سال فيبروري ۾ متوقع آهي.