مسقط (اسپورٽس نيوز) پاڪستان هاڪي ٽيم فائيو سائيڊ ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پهچي وئي، پاڪستان سيمي فائنل ۾ عمان کي ٽن جي مقابلي ۾ 7 گولن تان شڪست ڏني، قومي ٽيم هن وقت تائين ٽورنامينٽ ۾ ناقابل شڪست آهي. عمان جي ضدهر صلاله ۾ جاري فائيو سائيڊ ايشيا ڪپ پنهنجي پڄاڻي واري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي. ايونٽ جو فائنل کيڏڻ تي پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي رانديگرن ۽ ٽيم مينيجمينٽ کي مبارڪون ڏنيون. ڪپتان رانا عبدالوحيد 21 گولن سان ايونٽ جو ٽاپ اسڪورر آهي. 1994 جي ورلڊ ڪپ جو  گولڊ ميڊلسٽ اولمپين وسيم فيروز هيڊ ڪوچ طورٽيم سان گڏ آهي.