اسلام آباد(اسپورٽس ڊيسڪ.) پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي 57هين ڪانگريس ميٽنگ ۾ هاڪي فيڊريسن جي قانون ۾ 25 نئيون ترميمون ڪيون ويون آهن. 63 ميمبرن سمورين ترميمن جي حق ۾ ووٽ ڏنو. فيڊريشن يج جنرل سيڪريٽري رانا مجاهد علي جو چوڻ هو ته رانديگرن جي سهولتن کي وڌائڻ ۽ سندن اعتراض ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هاڪي فيڊريشن جي صدر مير طارق حسين بگٽي چيو ته مون کي سياسي اداڪاري نه، رانديگرن جي ضرورت آهي. هاڪي قومي راند آهي، ان ۾ پاڪستان لاءِ کيڏندڙ رانديگر گھرجن. هن چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي مان سٺا رانديگر اچي رهيا آهن، سنڌ ۽بلوچستان مان هڪ به سٺو رانديگر نه مليو. هن وڌيڪ چيو ته پولينڊ ۾ آئون پاڻ موجود هئس، ته فون ڪري ٻڌايو ويوته ڀوريون ڀوريون اماڻي ڇڏيون آهن، هاڻي گول اچن. هن وڌيڪ چيو ته ايشين ڪپ جي لاءِ اسان جي ٽيم اڄ چين وڃي رهي آهي. هن ڀيري آرمي چيف پاران سهڪار ڪيو ويو آهي. هي فيڊريشن پنهنجي پيرن تي بيهندي.