دبئي (اسپورٽس نيوز) چيمپئنز ٽرافي هائبرڊ ماڊل تي ڪرايو، نقصان اسان ڀرينداسين: ڀارت جو آءِ سي سي کي جوابي خط ٽرافي لاءِ پاڪستان نه اچڻ واري شرط تي ڀارتي بورڊ قائم آهي. چيمپيئنز ٽرافي 2025ع لاءِ ڀارت، پاڪستان نه اچڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي، جڏهن ته هاڻي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ، آءِ سي سي سي کي پئسن جي آڇ ڪئي آهي. ذريعن موجب، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) لکت ۾ آءِ سي سي کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ واري فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ، آءِ سي سي کي لکيل خط ۾ پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ جا بي بنياد سبب بيان ڪيا آهن. ذريعن موجب، ڀارتي بورڊ کي پنهنجي ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ جا جوڳا سبب پيش ڪرڻا پوندا، جڏهن ته آءِ سي سي کي ڀارتي بورڊ جي سببن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڀارت بابت حتمي فيصلو ڪرڻو پوندو. بي سي سي آءِ پاڪستان ٽيم نه موڪلڻ بابت جائز سبب بيان نه ڪيا ته آءِ سي سي ميگا ايونٽ ۾ نائين ٽيم کي شامل ڪري سگهي ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي ٽيم ٽورنامينٽ ۾ حصو نه ورتو ته آءِ سي سي کي پنجاهه ڪروڙ ڊالرز جو نقصان ٿيندو. آءِ سي سي کي ٽرافي جا نشرياتي حق، اشتهار ۽ اسپانسرشپ مان ڪمائي ڪرڻي آهي، پاڪ-ڀارت ميچ نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڀارتي بورڊ جي نقصان جو ڪاٿو ڏهه ڪروڙ ڊالرز لڳايو ويو آهي.