پنوعاقل ( ن پ ا) پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف پنوعاقل ۾ شاگردن جو احتجاجي مظاهرو ڪندي نعريبازي ڪئي وئي ، پنوعاقل ۾ ايم ڊي ڪيٽ پاران ورتل ٽيسٽ خلاف شاگردن عرفان جعفري، مدثر ٻرڙو، جهانزيب شاهه، جميل جعفري، الطاف ڀنگوار ۽ ٻين شاگردن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪندي سخت نعريبازي ڪئي شاگردن جو چوڻ ھو ته ايم ڊي ڪيٽ پاران ورتل ٽيسٽ جو سوالنامو ٽيسٽ جي ٽائيم کان اڳ آئوٽ ٿيو ھو نتيجن جي رد ٿيڻ باوجود اڃان ٻيھر ٽيسٽ جو شيڊول جاري ناھي ڪيو ويو ھنن مطالبو ڪيو آھي ته ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ ٻيھر جلد ورتي وڃي ، ۽ ٽيسٽ جو سوالنامو آئوٽ ڪندڙ مافيا خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.