ڪراچي (م ڊ) پاڪستان مان روزانو 50 لک ڊالرز جي اسمگلنگ، افغان حڪومت جي لائف لائن قرار، جاچ رپورٽ جاري، پاڪستان مان روزانو 50 لک آمريڪي ڊالر اسمگل ٿي افغانستان پهچندا آهن، جڏهن ته ان جي روزانو جي ضرورت هڪ کان ڏيڍ ڪروڙ ڊالر آهي، عالمي اداري بلوم برگ رپورٽ موجب پاڪستان مان ٿيندڙ ڊالر جي اسمگلنگ دراصل افغانستان ۾ اقتدار ۾ ويٺل طالبان لاءِ لائف لائن آهي، ان حوالي سان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومن پاران افغانستان کي هڪ هفتي ۾ صرف 4 ڪروڙ ڊالر امداد طور ڏنا ويندا آهن، جڏهن ته ان جي افغانستان جي روزاني جي ضرورت هڪ کان ڏيڍ ڪروڙ ڊالر آهي.