پاڪستان لاءِ ڏکيا ڏينهن اڳيان آهن

0
50
پاڪستان لاءِ ڏکيا ڏينهن اڳيان آهن

 ورلڊ اڪنامڪ فورم پاران جاري رپورٽ موجب پاڪستان جي ’ڊفالٽ‘ ٿيڻ جا خطرا هر گذرندڙ وقت سان گڏ وڌي رهيا آهن. ڊفالٽ ٿيڻ جي صورت ۾ ڇا ٿيندو؟ اهو سوال ته يقينن اسان جي اڳيان آهي، پر ورلڊ اڪنامڪ فورم، جهڙي ريت ’گلوبل ڪرائيسز رسڪ رپورٽ‘ اندر پاڪستان کي درپيش بحرانن جو ذڪر ڪيو آهي. اها نهايت ئي ڳنڀير ۽ ڏکي صورتحال ڏانهن نشاندهي ڪري ٿي. پاڪستان کي جن خطرن کي ايندڙ ٻن سالن ۾ شدت سان منهن ڏيڻو پوندو، انهن ۾ پنج مکيه خطرا هي آهن: قرضن جو وڌڻ، تيزي سان وڌندڙ افراط زر، رياست جو ڊهي پوڻ، سائيبر سيڪيورٽي جو غير محفوظ ٿيڻ، ڊجيٽل حوالي سان ملڪ جو ڪمزور ٿيڻ شامل آهن.

رپورٽ ۾ نهايت تحقيق کانپوءِ ڄاڻايو ويو آهي ته “پاڪستان جو شمار دنيا جي انهن مارڪيٽن ۾ آهي، جيڪي جلد ئي ڊفالٽ جو شڪار ٿي سگهن ٿا. ٻين لفظن ۾ پاڪستان جي ڏيوالي نڪرڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. رپورٽ موجب ايندڙ ٻن سالن ۾ ڪنهن به پاسي کان پاڪستان جي حالت سڌرڻ جا امڪان نه هئڻ جي برابر آهن. ايندڙ وقتن ۾ نه صرف ڊجيٽل طور هتان جا ماڻهو نهايت ئي غير محفوظ هوندا، پر ان سان گڏ هنن جي اڳيان خوراڪ جو پڻ وڏو بحران هوندو، نتيجي ۾ سياسي، سماجي ۽ معاشي عدم استحڪام پيدا ٿيندا. بحرانن ۾ پاڻيءَ جو مسئلو پڻ شدت اختيار ڪندو، هڪ پاسي جتي موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڻي وڏي تباهي مچائيندو اتي ساڳي وقت ان جي کوٽ ۽ ناانصافيءَ تي ٻڌل ورهاست قوميتن جي وچ ۾ شديد نفرت ۽ جهيڙن جو سبب ٿيندي. پاڻيءَ جو مسئلو نه صرف اندورني طور ملڪ لاءِ وڏي ڏچي جو ڪارڻ بڻبو، پر ڀارت ۽ افغانستان سان پاڪستان جا اختلاف شديد اختلافن جي صورت اختيار ڪندا.”

ورلڊ اڪنامڪ فورم پاران جاري رپورٽ ۾ اها ڳالهه زور ڏئي ڪئي وئي آهي ته وڏي ٻوڏ جي تباهين کانپوءِ پاڪستان هن وقت 27 سيڪڙو افراط زر کي منهن ڏئي پيو، ايندڙ ٻن سالن ۾ اها اڃا به وڌي ويندي. جنهن جو سڌو اثر عام ماڻهوءَ تي پوندو. ماڻهو غربت کان به هيٺ لڪير ڏانهن هليا ويندا. ايندڙ ٻن سالن ۾ مسلسل بحرانن جو هڪ وڏو سبب اڳواڻي جو قحط پڻ هوندو. سياسي ميدان ۾ اڳواڻن جي رقابت، دشمنيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي. اهڙي منظرن ۾ صحت، تعليم ۽ امن و امان جا شعبا نهايت ئي پوئتي ڌڪجي ويندا. نتيجي ۾ جن کي سياسي ٻوليءَ ۾ ’نان اسٽيٽ ايڪٽر جي اصطلاح سان ياد ڪيو ويندو آهي، انهن کي ڀرپور موقعو ملندو ته هو اهڙين سنگين حالتن مان فائدو حاصل ڪن. هڪ پاسي جتي قوميتن جي بنياد تي نفرتون پنهنجي چوٽ کي ڇهنديون، اتي فرقيواراڻن بنيادن تي مسلح جٿا پڻ سامهون ايندا، جيڪي انسان دشمنيءَ ۾ جديد ٽينڪنالاجيءَ کان مدد پڻ وٺندا!

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايندڙ ٻن سالن ۾ سرڪار، ملڪ ۾ توازن پيدا ڪرڻ ۽ عوام کي افراط زر کان بچائڻ لاءِ گهڻين ڏکيائين کي منهن ڏيندي. ڇاڪاڻ ته معاشي طور حالتون ڏينهن به ڏينهن ڳنڀير ٿينديون وينديون، جن جو سڌو اثر حڪومت جي اثر رسوخ تي پڻ پوندو. سادن لفظن ۾ ملڪ اندر حڪومتي رٽ نه هئڻ جي برابر ٿي ويندي. ان سڄي خطري واري صورتحال ۾ توانائي بحران باهه تي تيل جو ڪم جو ڪم ڪندو، يعني ملڪ ۾ نه بجلي هوندي نه گيس، ماڻهو دانهون ڪندا رهجي ويندا. ڪنهن به سطح تي هنن جي داد رسي نه ٿيندي.

جاري ڪيل رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن وقت سر انهن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ جوڳا انتظام نه ڪيا ويا ته اهي ’دائمي‘ حالتن تائين پهچي سگهن ٿا. نتيجي ۾ هن خطي ۾ مستقبل ۾ ڪا به ترقي نه ٿي سگهندي نه ئي ’گرين ٽيڪنالاجي‘ هن ملڪ ۾ اچي سگهندي. ياد رهي ته ’گرين ٽيڪنالاجي‘ هڪ وسيع اصطلاح آهي، جنهن جي ڇٽيءَ هيٺ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو اهو استعمال جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ قدرتي ماحول کي نقصان پهچي.

ورلڊ اڪنامڪ فورم پاران جاري رپورٽ ۾ جيڪا ڳالهه سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ آهي، اها ايندڙ ٻن سالن اندر پاڪستان جي ادارن جو ويهي وڃڻ آهي. يعني ڪوبه ادارو پنهنجي جڳهه تي درست نموني ڪم نه ڪندو. اها صورتحال ايتري ته ڀيانڪ هوندي جو ماڻهو هتان ڀڄي وڃڻ لاءِ رستا ڳوليندا ته ڪنهن ريت هن ملڪ مان فرار حاصل ڪجي.

جڏهن ملڪ مان ڀڄي وڃڻ جي ڳالهه ٿئي ٿي ته ان سڄي لقاءَ ۾ به ديس جو غريب، مسڪين ماڻهو ڪٿي ڀڄي سگهندو؟ ان لاءِ خيال هي آهي ته وري به ٻڏندڙ ٻيڙيءَ مان ملڪ جو ’ايليٽ ڪلاس‘ ئي فرار جي راهه اختيار ڪندو. اهي جن جا ٻاهرين ملڪن ۾ ڪروڙين اربين ڊالر پيا آهن. هن سڄي صورتحال جو جائزو وٺجي ته ان نتيجي تي پهچڻ ۾ ڪابه مشڪل پيش نه ٿي اچي ته گذريل 75 سالن ۾ جنهن نموني ملڪ کي نون تجربن جي ور چاڙهيو ويو، ان ۾ سال 2018ع جو تجربو نهايت خطرناڪ هو، يا ايئن چئجي ته سال 2014ع کان جهڙي ريت ’عمران خان پراجيڪٽ‘ کي تيزي سان مٿي اڀاريو ويو جا نتيجا سامهون اچن پيا. هاڻي جڏهن ملڪ جو خزانو خالي ٿي ويو آهي ته ٻئي ڌريون هڪ ٻئي تي الزام هڻي رهيون آهن. يعني جيڪي تجربي ۾ اڳيان آيا ۽ ٻيا اهي جن اهو تجربو ڪيو. خير صورتحال اڳ به ڪا بهتر ڪونه هئي، پر جهڙي ريت ناتجربيڪارن جي هٿ ۾ ملڪ جون واڳون ڏنيون ويون، انهن هڻي ملڪ جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن. هاڻي جڏهن ديس کي هر طرف مشڪلاتن پنهنجي گهيري ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي ته اسان پاڻ کي اهو چئي دلاسا ڏيون پيا ته چين هجي يا آمريڪا، متحد عرب امارتون هجن يا سعودي عرب، قطر هجي يا ترڪي، ايسيتائين جو ڀارت به اسان کي ڊهڻ نه ڏيندي، پر هتي اسان انساني سماج جو بنيادي اصول وساري ويهون ٿا ته ’ڪريي جو ڪير به ڪونهي‘ باقي رهي ورلڊ اڪنامڪ فورم پاران جاري ڪيل رسڪ رپورٽ ته بقول ڪنهن دوست جي ته انهن خطرن مان اسان 60 سيڪڙو کي ته اڳي ئي منهن ڏئي رهيا آهيون، باقي ڇا ٿيندو؟