ملتان (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ملتان پهچي وئي. انگلش ڪپتان بين اسٽوڪس جي قيادت ۾ انگلينڊ جي ٽيم ملتان ايئرپورٽ پهتي، جتي ٻه ڏينهن آرام ڪرڻ کانپوءِ چار آڪٽوبر تي پنهنجي پريڪٽس شروع ڪندي.ياد رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 7 آڪٽوبر کان ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شيڊيول آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ به ملتان ۾ 15 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي جڏهن ته سيريز جي ٽين ۽ آخري ٽيسٽ 24 آڪٽوبر کان راولپنڊي ۾ شروع ٿيندي.