ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني فلم ساز محمد علي نقوي کي هڪ ڀيرو وري ايمي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. کيس هن ڀيري سندس دستاويزي فلم ٽرننگ پوائنٽ: دي بمب اينڊ دي ڪولڊ وار تي نامزد ڪيو ويو آهي. جنهن کي بهترين تاريخي دستاويزي فلم جي ڪيٽيگري ۾ جاءِ ڏني وئي آهي. نقوي کي چوٿون ڀيرو ايمي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.  2023ع ۾ هو پرائم ٽائيم ايمي نامزدگي حاصل ڪندڙ پهريون پاڪستاني هو. هن چيو ته اها نامزدگي مون لاءِ اعزاز آهي. عالمي سطح تي سرحدن کان پار تائين ڪهاڻيون پهچائڻ هلڪو اعزاز نه آهي.