پاڪستان لاءِ آمريڪي پرڏيهي پاليسي نه بدلبي!

0
24
پاڪستان لاءِ آمريڪي پرڏيهي پاليسي نه بدلبي!

ڊونالڊ ٽرمپ جي اليڪشن ۾ ڪاميابيءَ جا آثار پاڪستاني سياست ۾نظر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. تحريڪ انصاف، عمران خان کي جيل مان آزاد ڪرائڻ لاءِ ٽرمپ طرفان مدد جي خواهشمند آهي. عمران خان جي دور حڪومت ۾ ٽرمپ، پاڪستان کي افغانستان سان ڪجهه سمجهوتا ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو. تحريڪ انصاف، انهن سياسي سمجهوتن جي آڙ ۾ پنهنجي ذاتي مفادن جي حاصلات لاءِ هنبوڇيون پئي هڻي. آمريڪا جي سامراجي تاريخ ۾ ڪڏهن به اهو ڏسڻ لاءِ ناهي مليو ته آمريڪا بغير مفادن جي ڪنهن به معاملي ۾ دلچسپي ورتي هجي. پاڪستان سان آمريڪي ناتن جي سونهري دور ۾ به سوين ڪوششن جي باوجود آمريڪا، ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي حمايت کان هميشه نٽائيندو آيو هو. تحريڪ انصاف جي اها اُميد رڳو دل کي تسلي بخشيندڙ آهي، جنهن جي ساڀيان ذري گھٽ ناممڪن آهي.

                 ٽرمپ ۽ عمران خان جي درميان ڪن ڳالهين ۾ هڪ جهڙائي ضرور آهي. سياسي ميدان ۾ ٻئي هڪ جهڙا ضدي، انا پرست ۽ خطرناڪ آهن. عمران خان سمجهي ٿو ته، هُو جيل ۾ هوندي به “مقتدر حڪمرانن” کان وڌيڪ طاقتور آهي. هُو حڪمرانن سان ڳالهه ٻولهه لاءِ بلڪل به تيار ناهي رهندو ۽ رڳو اسٽيبلشمينٽ سان ئي مذاڪرات ڪرڻ جو خواهان هجي ٿو. اسلام آباد ۾ آڪٽوبر جي مهيني شهنگائي ڪانفرنس ٿي هئي، جنهن ۾ سڄي دنيا جا سياسي اڳواڻ گڏ ٿيا هئا. انهي ڪانفرنس دوران عمران خان، نتيجن جي ادراڪ ڪرڻ بغير ئي، اسلام آباد ڌرڻي جو حڪم ڏنو ته جيئن اسٽيبلشمينٽ مجبور ٿي هُن سان مذاڪرات لاءِ هٿ وڌائي. عوام ۾ پنهنجي مقبوليت جي نشي جي خام خياليءَ ۾ عمران خان وانگر ٽرمپ به ڪيپيٽول هل تي چڙهائيءَ جهڙو خطرناڪ واقعو ڪرائي ويٺو هو. هن اليڪشن دوران، فليڊيلفيا شهر ۾ ٽرمپ جڏهن پنهنجا ووٽ ڪرندي ڏٺا ته هُن اليڪشن ۾ فراڊ جو الزام هڻندي دير نه ڪئي. 2020ع جي اليڪشن کي پڻ هُن فراڊ چئي رد ڪيو هو. هن اليڪشن ۾ به جيڪڏهن ٽرمپ شڪست کائي ها ته سندس رويو ساڳيو ئي هجي ها ۽ ڪيپيٽول هل جهڙو ٻيو واقعو پڻ ڪرائڻ ۾ دير نه ڪري ها. پاڪستان جون سياسي ڌُريون، ذاتي مفادن خاطر مُلڪي سياست ۾ آمريڪا کي وچ ۾ آڻڻ چاهين پيون. آمريڪا، انهيءَ صورتحال ۾ ڪوبه خاص ردعمل نه ڏيندو. اچو ته اُن کي بهتر سمجهڻ لاءِ آمريڪا جي پرڏيهي پاليسيءَ جو مختصر طور تي جائزو وٺون.

پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ناتا ڪڏهن به هموار ناهن رهيا. آمريڪا، پنهنجي مفادن جي افاديت ۽ نوعيت تحت ڪڏهن پاڪستان جو پڳ مٽ يار ته ڪڏهن وري ويڳي ڀاءُ جهڙو سلوڪ ڪندو آيو آهي. 1955ع ۾ بغداد معاهدي کانپوءِ، پاڪستان کي آمريڪا طرفان ڪڏهن گھٽ ته ڪڏهن وڌ اربين ڊالرن جي امداد ملندي رهي. جمهوريت جي علمبردار آمريڪا طرفان سويلين حڪومت کان وڌيڪ آمريتي دور ۾ پاڪستان مٿان ڊالرن جا مِينهَن وسندا رهيا. سيٽو ۽ بغداد معاهدي ۾ آمريڪا سان وفاداري جي ڪري پاڪستان کي ملندڙ فوجي امداد 1965ع جي پاڪستان انڊيا جنگ کانپوءِ وڃي بند ٿي، جنهن جي ڪري پاڪستان کي وڏو نقصان پڻ ڀوڳڻو پيو. فوجي امداد بند ٿيڻ کانپوءِ آمريڪا، پاڪستان سان پنهنجا ناتا خراب ٿيڻ نه ڏنا، ڇو ته آمريڪا پنهنجي دلپسند سويت مخالف اتحادي کي وڃائڻ جي حق ۾ نه هو. 1970ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي ٽياڪڙيءَ سان صدر نڪسن چين جو دورو ڪيو، جنهن جا ڏور رس اثر ظاهر ٿيا. ضياءَ جي آمريتي دور ۾، پاڪستان آمريڪي امداد ۾ اسرائيل کانپوءِ ٻيون نمبر وڏو ملڪ بڻجي ويو هو. اربين ڊالرن جي آمريڪي مالي امداد ۽ ٽيڪنيڪي فوجي سهائتا سان ضياءَ الحق، هزارن جي تعداد ۾ مجاهدين پيدا ڪيا ۽ طالبانن لاءِ سوين مدرسن جو ڄار پکيڙيو، جنهن جي ڪري اڄ تائين ملڪ مذهبي انتهاپسنديءَ جي باهه ۾ وڪوڙيل آهي. ضياءَ الحق جي وفات کانپوءِ آمريڪي ڪانگريس، پريسلر ترميم ذريعي پاڪستان جي امداد بند ڪري ڇڏي ۽ 1990ع ۾ پاڪستان مٿان پابنديون مڙهيون ويون. هاڻ آمريڪا پاڪستان سان ويڳي ڀاءُ جهڙو سلوڪ ڪرڻ لڳو، ڇو ته افغانستان ۾ آمريڪا کي فتح نصيب ٿي هئي ۽ سوويت يونين پڻ آخري پساهن ۾ هئي، جنهن جي ڪري پاڪستان جي ڪابه اهميت نه رهي هئي.

9/11 کانپوءِ هڪ دفعو وري آمريڪا کي پاڪستان جي ضرورت پئجي وئي ۽ پرويز مشرف چواڻي ته آمريڪا پاڪستان کي ڌمڪي ڏني ته افغانستان ۾ فوجي آپريشن ۾ جيڪڏهن پاڪستان مدد نه ڪئي ته هُن تي بمباري ڪري پٿرن جي دور ۾ واپس ڌڪي ڇڏيو ويندو. اهو پرويز مشرف جو آمريڪي فوجي آپريشن لاءِ پاڪستاني حمايت کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ هڪ بيانيو ئي ٿي سگهي ٿو. فوجي آپريشن جي نالي تي آمريڪا هڪ دفعو ٻيهر، پاڪستان کي اربين ڊالرن جي امداد جو سلسلو شروع ڪري ڏنو. آمريڪا جي افغانستان ۾ ناڪام ٿي نڪرڻ کانپوءِ هُن لاءِ پاڪستان وري اوپرو ٿي ويو آهي. هن وقت پاڪستان، آمريڪا لاءِ ڪا خاص اهميت نه ٿو رکي.

في الحال ته آمريڪا جي پاڪستان لاءِ پرڏيهي پاليسي ڪجهه ئي معاملن تائين محدود ٿي سگھي ٿي. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سُٺا ناتا آهن، جنهن جي ڪري آمريڪا سخت پريشان آهي. ريپبلڪن ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽيون اتقاف راءِ سان چين کي آمريڪا جو مخالف سمجهن ٿيون، جيڪو ايندڙ وقت ۾ هُن جي اصول پرست ورلڊ آرڊر کي چئلينج ڪندو. پاڪستان سان سي پيڪ معاهدو، ڊگھي بحري رستي جي ڪري چيني واپار تي لکين ڊالرن جي پوندڙ نقصان کي گھٽائيندو ۽ چين کي وچ اوڀر ۽ يورپ سان آساني سان جوڙيندو، جنهن جي نتيجي ۾ چين معاشي طرح وڌيڪ سگھارو ٿي اُڀرندو.آمريڪا، انڊيا جي مدد سان چين کي ڏُکيو وقت ڏئي سگهي ٿو ۽ پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ تلخي کي پڻ پنهنجي سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو.

پاڪستان ايٽمي طاقت رکندڙ مسلمان ملڪ آهي. افغانستان جي سياسي وڳوڙ جي نتيجي ۾ انتهاپسند ڌريون پاڪستان لاءِ چئلينج ٿي اڀري سگهن ٿيون. آمريڪا کي اهو ڊپ به ضرور هوندو ته متان پاڪستان انهن انتهاپسند ڌرين هٿان مفلوج نه ٿئي ۽ ايٽمي طاقت اُنهن ڌرين جي هٿ نه چڙهي وڃي، جيڪي اڳيان آمريڪي سيڪيورٽي لاءِ خطرو ثابت ٿين. انتهاپسند ڌرين کي ختم ڪرڻ لاءِ هُو پاڪستان کي مجبور ڪندو ۽ ضرورت پئي ته امداد به ڏيندو. آمريڪا پنهنجي مفادن خاطر افغانستان ۽ پاڪستان ۾ مذهبي انتهاپسنديءَ کي هٿي ڏئي اُڀاريو ۽ هن خطي کي سوين سال پويان ڌڪي ڇڏيو. پاڪستان ۽ افغانستان تي اُن جي منفي اثر سان گڏوگڏ هاڻ اُهي ئي انتهاپسند ڌريون مختلف وقتن ۾ آمريڪا لاءِ مٿي جو سُور ثابت ٿينديون رهنديون.

آمريڪا سان تاريخي تجربي ثابت ڪيو آهي ته، هُن هميشه پنهنجي مفادن کي نظر ۾ رکي پاڪستان سان ناتا جوڙيا آهن. موجوده عالمي سياست ۾ آمريڪا، پاڪستان کي في الحال ته ڪنهن به ليکي ۾ نه ٿو آڻي. عالمي سياست ۾ جيستائين ڪا اوچتي تبديلي نه ٿي اچي، تيستائين ته رڳو اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته مستقبل ۾ پاڪستان سان آمريڪي ناتن جي نوعيت، چين ۽ انتهاپسند ڌرين سان مهاڏو اٽڪائڻ جي بنياد تي هوندي جيئن اهي آمريڪي سيڪيورٽيءَ لاءِ خطرو ٿي اُڀري نه سگهن.