ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان فخر سان ڀارت کان جنگ کٽي، جنگ جي ڪاميابي قوم جي تاريخي فتح آهي. هن چيو ته 51 سالن جي عمر ۾، 10 مئي جو ڏينهن هميشه مون لاءِ يادگار رهندو. آپريشن “بنيان مرصوص” جي ڪاميابي تي ايف پي سي سي آءِ پاران ڪراچي ۾ يوم تشڪر جي منعقد ڪرايل تقريب کي خطاب ڪندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان جي فوج ۽ سياسي قيادت متحد ٿي دشمن کي تاريخي شڪست ڏني، ۽ هي 25 ڪروڙ عوام جي گڏيل جدوجهد جي فتح آهي. تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽر سرمد علي چيو ته الله جي فضل سان پاڪستان هر محاذ تي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي قيادت ۾ دشمن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني ميڊيا ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري عالمي سطح تي پاڪستان جو موقف ڪاميابي سان اجاگر ڪيو. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستاني هٿياربند فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو  ويو. ثاقب فياض مگو، فيصل زاهد ملڪ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان نه صرف جنگ کٽي پر سفارتي، سياسي ۽ ميڊيا جي محاذن تي پنهنجي برتري ثابت ڪئي.