ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جي شوبز انڊسٽري ۾ مرد اڪارن سان به جنسي هراساني جا واقعا پيش ايندا آهن. نئين اداڪار احمد رفيق هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته هڪ وڏي سيٽ تي مون کي هراسان ڪيو ويو اهو واقعو ڪيريئر جي ابتدائي ڏينهن ۾ پيش آيو. هن چيو ته ان وقت عمر 19 سال هئي واقعي بعد ٻن ڏينهن تائين سمهي نه سگهيس. هن چيو ته نون اداڪارن کي اڪثر مشهور ماڻهو هراسان ڪندا آهن. مون سان واقعو پيش آيو ته سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪريان؟ ان وقت خبر پئي ته عورتون ڇا محسوس ڪنديون هونديون. هن چيو ته ڪو فنڪار اهڙي رويي خلاف آواز اٿاري ته سندس ڪيريئر کي نقصان پهچي سگهي ٿو.