لاهور(اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران ميگا ايونٽ پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جو ڏهون ايڊيشن اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، پاڪستان سپر ليگ جون رهيل اٺ ميچون پاڪ-ڀارت سرحدي ڇڪتاڻ سبب ملتوي ڪيون ويون آهن. پي سي بي جو چوڻ آهي ته ميچون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو وزيراعظم جي مشوري تي ڪيو ويو آهي، وزيراعظم جي راءِ آهي ته موجوده حالتن ۾ سمورو ڌيان پاڪ فوج جي ڪوششن تي هئڻ گهرجي. پي سي بي موجب، پاڪستان سپر ليگ جي نئين شيڊيول جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.