اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيبمبلي جي گهرو مامرن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي پاڪستان سٽيزن شپ ايڪٽ ۾ ترميم جي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪاميٽي چيئرمين راجه خرم نواز جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس دوران قانون وزارت جي عملدارن پاڪستان سيٽزن شپ ايڪٽ ۾ ترميم جي بل تي ڳالهائيندي چيو ته ڪجھه ملڪن ۾ پاڪستانين کي شهريت ملندي هئي ته کين پاڪستان جي شهريت ڇڏڻي پوندي هئي اهڙن ماڻهن جي پاڪستاني شهريت بحال ڪرڻ لاءِ هي بل آندو ويو آھي، ڊي جي پاسپورٽ مصطفيٰ جمال قاضي چيو ته 22 ملڪن سان پاڪستان جي ٻٽي شهريت بابت معاهدو نه هيو جن سان معاهدا ٿي چڪا آھن جنهن بعد پاڪستانين کي شهريت ڇڏڻي نه پوندي، ڪاميٽي چيئرمين چيو ته هن بل تي ڪو اعتراض ناهي، پاڪستانين کي شهريت ملڻ گهرجي، اجلاس دوران هٿيارن جي لائسنز بابت بريفنگ ڏيندي گهرو مامرن جي  مملڪتي  طلال چوڌري چيو ته هٿيارن جا لائينس صوبا ٺاهي رهيا آھن پهريان اسلام آباد ۾ تمام گهڻا لائيسنز ٺاهيا ويا جن ۾ ڪجھه غيرمناسب شيون سامهون آيون آھن، قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي وزير اعظم جي منظوري سان هٿيارن جا لائيسنز جاري ڪيا ويندا، بندش پيل بور جي هٿيارن جو لائيسنز کوليو آھي پر اهو تمام گهٽ ماڻهن کي ڏنو ويندو، پارليامينٽ جي ميمبرن پاران تجويز ڪيل ماڻهن کي به گهٽ تعداد بندش پيل بور جي هٿيارن جا لائيسنز جاري ڪيا ويندا، هن چيو ته 200 انساني اسمگلرن کي گرفتار ڪيو ويو آھي، ايف آءِ جي ڪيترن ئي ملازمن جون به نوڪريون ختم ڪيون ويون آھن، گهرو سيڪريٽري چيو ته سعودي عرب 4300 پينو ماڻهن جي لسٽ ڏني انهن کي پاڪستان واپس آڻي چڪا آھيون انهن جا پاسپورٽ بلاڪ ڪيا ويا آھن، آغا رفيع الله مطالبو ڪيو ته ايف آءِ اي جي ڪيترن آفيسرن کي ٻٽي شهريت آھي ان کي چيڪ ڪيو وڃي، نبيل قبول چيو ته سينيٽ هائوسنگ سوسائٽي تي ڪنهن هٿيار کڻي قبضو ڪيو آھي، ڪاميٽي چيئرمين چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جهڙن ادارن  جي به  هائوسنگ سوسائٽي تي قبضو ٿي وڃي ٿو، ڪاميٽي کي ان حوالي سان آگاهه ڪيو وڃي