حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سينيئر صحافي، ڪالم نگار ۽ اڳوڻي وزير نصرت مرزا چيو آهي ته پاڪستان سياسي، معاشي ۽ عدالتي بحران جو شڪار آھي. ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سمورين ڌرين کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. حيدرآباد پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نصرت مرزا چيو ته عوام جي حقيقي نمائندگي نه ٿي رھي آھي جنھن جي ڪري ملڪ جا ماڻهو سخت تڪليف ۾ آهن. هن چيو ته دھشتگردي افغانستان جي سرزمين تان ٿي رھي آھي جنھن کي روڪڻ لاءِ خطي جون سموريون طاقتون گڏجي ڪم ڪن. ملڪ کي ترقي جي راھ تي آڻڻ سان ئي بحرانن جو خاتمو ممڪن ٿي سگهندو. هن چيو ته آمريڪا، اسرائيل ۽ انڊيا به دهشتگردي ۾ ملوث آهن. هن دعويٰ ڪئي ته ملڪ جي مشڪلاتن جو جلد حل نڪري ويندو ۽ پاڪستان ترقي جون منزلون طئي ڪندو. هن چيو ته ٽيئن عالمي جنگ جو خطرو آهي جنهن کان بچڻ لاءِ پاڪستان کي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.