نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پهلگام حملي جي رد عمل ۾ ڀارتي فوج کي مڪمل آپريشنل آزادي ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ردعمل جو طريقيڪار، هدف ۽ وقت فوج پاڻ طئي ڪندي. اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پهلگام حملي بعد فوج کي کليل آپريشنل آزادي آهي، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ قوم متحد آهي ۽ مون کي فوج جي پيشيواراڻي قابليت تي پورو اعتماد آهي. ٻئي طرف ڀارت جي ٽنهي فوجن جي سربراهن، بچاءُ وزير ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار جو اجلاس مودي جي رهائش گاهه تي ٿيو، جنهن جا تفصيل جاري نه ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ڪابينا جي قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو. ان اجلاس بعد ڀارتي انتهاپسند پارٽي آر ايس ايس جو سربراهه موهن ڀاڳوت به مودي سان مليو.