پاليڪيلي ( اسپورٽس نيوز ) ڀارتي  ڪرڪيٽ ٽيم جي نائب ڪپتان هاردڪ پانڊيا اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستان خلاف ميچن ۾ اضافي دٻاءُ هوندو آهي. آل رائونڊر چيو ته ميدان ۾ شوقينن جو ڏاڍو گوڙ هوندو آهي، پر ان کي نظر انداز ڪندي سٺي ڪارڪرگي جو مظاهرو ڪري سگهجي ٿو.هن چيوته پاڪستاني ٽيم ويجهڙائي ۾ تمام سٺي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، اسان کي هڪ سٺي سائيڊ خلاف بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي، پاڪستان جي ٽيم ماضيءَ ۾ ڪيئي فائنل کيڏي چڪي آهي جنهن سان ان جي ڪارڪردگي جو پتو پوي ٿو.سندس چوڻ هوته اسان جي وچ ۾ ٿيندڙ ميچن ۾ شوقينن جو جذبا عروج تي هوندا آهن ٻنهي مُلڪن ۾ سدائين ڇڪتاڻ رهندي آهي پر ڪرڪيٽر طور اسان گهڻو جذباتي نٿا ٿي سگهون .هاردڪ پانڊيا چيو ته ايشيا ڪپ وڏو ايونٽ آهي جنهن ۾ سٺي ڪارڪردگي گهڻي اهميت رکي ٿي، ان سان اوهان جي صلاحيت ۽ شخصيت ۾ صبر جو اندازو به لڳائيندا آهن، ان سان پتو پوندو آهي ته اوهان ۾ سهپ جي ڪيتري صلاحيت آهي.