لاهور(اسپورٽس ڊيسڪ) جرمن هاڪي ليجنڊ اسٽيفن بلوشر پاڪستان سان محبت جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. تازو ويزدان هاڪي ڪلب سان گڏ پاڪستان جو دورو ڪندڙ اسٽيفن بلوشر انسٽا گرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي اهي، جنهن ۾ سندس دوري دوران نيشنل هاڪي اسٽيڊيم لاهور ۾ بيھي هڪ خاص تصوير شيئر ڪندي پاڪستان زنده آباد ۽ لانگ ليو پاڪستان جو هيش ٽيگ استعمال ڪيو. ڀارتي اڳرائي کان پوءِ پاڪستاني رانديگرن کان پوءِ اسٽيفن بلوشي پهريون پرڏيهي هاڪي ليجنڊ رانديگر آهي جنهن پاڪستان جي عوام سان ايڪي جو اظهار ڪيو آهي. سندس ان پوسٽ تي سوشل ميڊيا واهپيدارن پاران تمام گهڻي واکاڻ ڪئي پئي وڃي.