اسلام آباد (م ڊ) هندستاني تباهي تي پاڪستانين جون دلچسپ ميمز ٽرينڊ بڻجي ويون. ايڪس تي “پاڪستان زنده باد” ۽ “سندور بڻجي ويو تندور” کي ٽرينڊ بڻائي ورتو. سوشل ميڊيا تي پاڪستاني صارفين هڪ دفعو ٻيهر ميمز جي جنگ ۾ به ڀارتين کي پوئتي ڇڏي ڏنو. هڪ صارفين لکيو ته حملي ۾ هندستان تڪڙ ته ڏاڍي ڪئي جڏهن پاڪستان جواب ڏنو ته هندستاني فوج اڇا جهنڊا ڦڙڪائي ڀڄي وئي. هڪ ٻي ميم ۾ صارف اڪشي ڪمار جي فلم کٽا ميٺا جي ڪلپ جو سهارو ورتو جنهن ۾ هن ڏيکاريو ته فرانس هندستان کي حملي واري حرڪت تي مارڻ لاءِ ڊوڙي رهيو آهي. ڪنهن لکيو ته انڊيا وارا پاڻ ٻڌائي رهيا آهن ته پاڪستان پاڻ مڃائي ورتو، شاباش پاڪستان. هڪ صارف ته مودي جو فوٽو رکيو جنهن ۾ هو تباهه ٿيل رافيل جهازن جا ٽڪڙا سائيڪل تي کپائڻ وڃي رهيو آهي. ان سان گڏ لکيو ويو ته چيو هو نه اسان جي ڳچي ۾ نه پئو هاڻي لوڙ ويهي.